ڇايا نٽ

ڇايا نٽ (راڳڻي): هي ڪلياڻ ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي آهي، رکب وادي ۽ پنچم سموادي سُر اٿس. پنڊتن جو چوڻ آهي ته هن راڳ جي گرهه ڌيوت آهي ۽ نياس پنچم آهي. هن ۾ مڌم تيور آروهيءَ ۾ ڏيکارڻ ضروري آهي. هن راڳڻيءَ ۾ ڪاموڏ وانگر گنڌار وڪر سُر آهي. هيءَ راڳڻي ڪلياڻ، گونڊ، همير، نٽ ۽ اليه راڳڻين جي ميلاپ مان ٺهي آهي. ڪاموڏ ۽ ڇايا نٽ ذري گهٽ هڪ جهڙيون راڳڻيون آهن، جن کي الڳ ڪرڻ لاءِ هيٺيون ڳالهيون ڌيان ۾ رکڻ گهرجن:
(1) ڪاموڏ ۾ آروهي ڪڏهن به گنڌار ۽ مڌم کان پنچم تي نه ويندي، پر ڇايا نٽ ۾ ايئن ناهي.
(2) جهڙيءَ ريت ڪاموڏ ۾ رکب کان پنچم تي آروهي ڏي وڃبو آهي. ان جي ابتڙ ڇايا نٽ ۾ پنچم کان رکب تي آروهيءَ ڏي وڃبو.
(3) اموڏ جو وادي سُر پنجم آهي، مگر ڇايا نٽ جو وادي سُر رکب آهي.
(4)ڪاموڏ اترانگ جي راڳڻي آهي، ڇا يا نٽ پور وانگ جي راڳڻي آهي. هن جي آروهي: سا ري گي ما پا ڌي ني ڌي سَا، ۽ امروهي: سا ني ڌي پا مي پا ري گي ما پا گي ما ري سا آهي. ڳائڻ جو وقت رات جو ٻيو پهر اٿس.
هي راڳڻي سنڌ جا سڀئي ڪلاسيڪي ڳائڻا ڳائيندا آهن.


لفظ ڇايا نٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو